محمد سومار ٿيٻو

محمد سومار ٿيٻو

محمد سومار ٿيٻو

محمد سومار ٿيٻو : سنڌ جو نامور سماج سڌارڪ، قومي ڪارڪن محمد سومار عرف رئيس علڻ خان ٿيٻو، 1932ع ڌاري ڳوٺ ٿيٻا ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ٿيٻا ڳوٺ ۾ ورتي. 1950ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مٽرڪ ۽ 1958ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. هي شروع کان وٺي سرڪاري نوڪريءَ جي خلاف، آزاد سوچ ۽ آزاد خيال جو ماڻهو هو، تنهنڪري نوڪريءَ جي خفي کان آزاد ٿي قومي سياست ۾ آيو ۽ قوم جي خدمت کي شيوو بنايائين. اٺ سال مدرسة السلام جي مدرسه بورڊ جو ميمبر به ٿي رهيو. سن شهر ۾ قائم ’شاهه حيدر سوسائٽيءَ‘ جو چئن سالن تائين چيئرمئن ٿي رهيو. ان دوران سيد امداد شاهه سان گڏجي سن ۽ منظور آباد جي هاءِ اسڪولن جون بلڊنگون منظور ڪرايائين. جنهن بعد منظور آباد ۾ مستقل طور اچي رهائش پذير ٿيو. سندس 1946ع کان سنڌ جي قومپرست اڳواڻ سائين جي. ايم سيد سان تعلقات قائم ٿيا، پوءِ زندگيءَ جو باقي عرصو جي. ايم سيد سان گذاريائين. سائين جي. ايم سيد سان ويجهڙائي ۽ قومي سياست ڪرڻ سبب 6 مهينا مچ جيل ۾ به گذاريائين ۽ اذيتون سٺائين. ان کان سواءِ 1950ع کان 1977ع تائين ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي جيل ۾ قيد ڪاٽيائين، بنگلاديش جي آزاديءَ کان پوءِ سيد امداد محمد شاهه سان گڏجي بنگال جو دورو ڪري آيو. رئيس علڻ خان ٿيٻو جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران جيل ۾ رهيو، پر پنهنجن ارادن تي اٽل رهيو ۽ سڄي زندگي جي. ايم سيد سان گڏ رهيو ۽ سندس ڀروسي ۽ اعتماد وارو ماڻهو هو، ٿيٻي صاحب وٽ گذر سفر لاءِ صرف 16 ايڪڙ زمين هئي، ان جي باوجود پنهنجي صلاحيتن ۽ محنتن ڪري تمام وڏن ماڻهن ۽ چوٽيءَ جي ليڊرن کي ويجهو رهيو. جن ۾ جي. ايم سيد کان سواءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، خان عبدالغفار خان، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ شيخ مجيب الرحمان شامل آهن. علن خان ٿيٻو طبيعت جو انتهائي سادو هوندو هو. سدائين اجرڪ يا لوئيءَ جو پٽڪو مٿي تي ٻڌندو هو، غريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو پنهنجي وقت ۾ ٻارهن سالن تائين مسلسل لوڪل بورڊ دادوءَ جو ميمبر چونڊيل رهيو. هن فقير صفت انسان 1992ع ۾ وفات ڪئي. هن ڪيترن نادار غريب ڇوڪرين ۽ ڇوڪرين کي پنهنجي خرچ تي پڙهايو هو، سندس وفات وقت اهڙا ڪيترا نوجوان ۽ نياڻيون روئندا سندس تڏي تي آيا ۽ ماڻهن کي خبر پئي ته هو غريب ۽ بي پهچ ٻارن جي ڳجهي نموني مالي مدد ڪندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو